اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) وزي??اع??م محم?? شهباز شريف چيو آهي ته صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين، صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي، صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا، بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ري??نلائيزيشن جي لاءِ صنعتن س??ن مشاورت ڪئي وڃي. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزي??اع??م محم?? شهباز شريف جي صدارت ۾ صنعتي شعبي کي سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ڪالهه جمعي ڏينهن وزي??اع??م هائوس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزي??اع??م چيو ته صنعتي ترقي ۽ روانگي واپار وڌائڻ جي لاءِ صنعتن کي گهٽ لاڳت تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي يقيني بڻائينداسين. هن هدايت ڪئي ته صنعتي شعبي کي درپيش مسئلن جو ترجيحي بنيادن تي حل ڳوليو وڃي. وزي??اع??م برآمدي شعبي جي صنعتن جي لاءِ ٽيرف ري??نلائيزيسن جي حوالي سان حڪمت عملي فوري طور تي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته برآمدي شعبي جي صنعتن کي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيح آهي. وزي??اع??م چيو ته صنعتن جي فروغ ۽ ملڪ ۾ موجود پيداواري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ۽ قدم کنيا ويندا. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته بجلي ۽ گئس جي ٽيرف ري??نلائيزيشن جي لاءِ صنعتن س??ن مشاورت ڪئي وڃي. اجلاس کي صنعتن ۽ گهريلو صارفين کي فراهم ڪئي ويندڙ بجلي جي اگهن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، پاور واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري، پيٽروليم واري وفاقي وزير مصدق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان، وزي??اع??م جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.