راولپنڊي-10 جون(اي پي پي) لڪي مروت ضلعي ۾ بارودي سنگهه جي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد فراز الياس، صوبيدار ميجر محمد نذير، لانس نائيڪ محمد ا??ور، لانس نائيڪ حسين علي، سپاهي اسد ا??له، سپاهي منظور حسين ۽ سپاهي راشد محمود جي جنازي نما?? بنون ۾ ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڪور ڪمانڊر پشاور، حاضر سروس آفيسرن، جوانن ۽ عوام شرڪت ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب شهيدن جا مڙهه اباڻي علائقن ڏا??هن روانا ڪيا و??ا جتي کين مڪمل فوجي اعزاز سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ اسان جي بهادر شهيدن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏين ٿيون.