اسلام آباد– 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي پنهنجي دوري کي انتهائي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيز?? سان عملدرآمد ٿيندو، ويجهي مستقبل ۾ ان جا ثمر عوام تائين پهچندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي ڪابينا جي ??جل??س ۾ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراع??م چيو ته ڪابينا ميمبرن کي ??جل??س ۾ ڀليڪار چوان ٿو. چين جي دوري تان 2 ڏينهن اڳ واپسي ٿي آهي. توهان سڀني جي ڪوششن ۽ محنت سان چين جو دورو انتهائي مثبت ۽ ڪامياب رهيو. هن چيو ته چين جي دوري ۾ ٿيندڙ ملاقاتن ۾ سيڪيورٽ?? سان ل??ڳاپيل معاملا ايجنڊا ۾ سرفهرست هئا. هن چيو ته ا?? دوري جي نتيجي ۾ چين جو اعليٰ سطحي وفد جلد پاڪستان جو دورو ڪندو. وفاقي وزيرن ۽ مملڪتي وزير سميت سمورن ڪابينا ميمبرن جي گڏيل ڪوششن سان اها ڪاميابي ممڪن ٿي. هن چيو ته الله تعاليٰ چين سان ٻطرفن ل??ڳاپن کي نئين بلندين تي وٺي وڃڻ جو موقعو فراهم ڪيو. سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي تيز?? سان عملدرآمد ٿيندو. ان حوال?? سان چيني قيادت سان مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي. ويجهي مستقبل ۾ ان جا ثمر عوام تائين پهچندا.