اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شري?? پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ قزاخستان جي سفير يرزان ڪستافين ملاقات ڪئي. وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم زومارت توڪايف جي لا??ِ خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي ??ڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن چيو ته هو 3 کان 4 جولاءِ 2024ع تي شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي لا??ِ آستانه جي لا??ِ پنهنجي ايندڙ دوري دوران صدر توڪايف سان ملاقات جو منتظر آهي. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم علائقائي رابطن ۽ علائقائي سلامتي ۾ تعاون جي اهميت تي پڻ روشني وڌي. قزاخستان جي سفير وزيراعظم محمد شهباز شريف کي ??زاخستان جي صدر جو مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ وزيراعظم کي ??نهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي لا??ِ جاري مختلف سرگرمين ۽ قدمن کان آگاهه ڪيو.