اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي)وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين جي دوري دوران طي ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي، چين ۾ طئي ٿيل سهڪار جي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد جي پاڻ نگراني ڪندس، چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات، معدنيات،کاڻين ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، انهن شعبن ۾ پاڪ چين سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان ??عاشي ترقي، علائقائي رابطن جي مضبوطي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم محمد شهباز شريف گذ??يل ڏينهن چين جي تازي دوري دوران طئي ٿيل سهڪار جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد جي حوالي سان اعليٰ ??طح?? اجلاس جي صدارت ڪئي. ان ??وقعي تي وزيراعظم چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي، چين جي اعليٰ قيادت پاڪستاني وفد جي تازي دوري دوران ??ثالي مهمان ??وازي جو مظاهرو ڪيو. چين دنيا جي هڪ مضبوط معيشت بڻجي اڀريو آهي، پاڪستان چين جي ترقي مان گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات، معدنيا، کاڻين ۽ توانائي جي شعبن م سهڪار جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي. انهن شعبن م پاڪ چين سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان ??عاشي تري، علائقائي رابطن جي مضبوطي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. هن چيو ته چين جي دوري دوران طئي ٿيل معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي، چين ۾ سهڪار جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد جي پاڻ نگراني ڪندس. ان ??وقعي تي بريفنگ دوران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازو ئي چين جي جوتا ٺاهيندڙ ڪپنين جي هڪ وفد پاڪستان ۾ پنهنجا ڪارخانا منتقل ڪرڻ جي حوالي سان ??اڪستان جو دورو ڪيو آهي، ان شعبي ۾ چين جي ڪمپنين طرفان ??اڪستان ۾ 5 کان 8 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جا امڪان ??وجود آهن، پاڪستان جوتا ٺاهيندڙ ڪمپنين جي ايسوسيئيشن چين جي ڪمپنين سان انهن جا ڪارخانا پاڪستان ??نتقل ڪرڻ جي حوالي سان ??سلسل رابطي ۾ آهن. جڏهن ته زرعي شعبي جي 12 مشهور چيني ڪمپنين هلندڙ سال پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ فوڊ اينڊ ايگري ايڪسپو ۾ به ڀرپور حصو وٺنديون. وزيراعظم زرعي شعبي ۾ جديد تربيت لاءِ پاڪستان ??ان ??ڪ هزار شاگردن کي سرڪاري وظيفي تي چين موڪلڻ جي حوالي سان اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. وزيراعظم هدايت ڪئي ته چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي چين موڪليو وڃي، بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به پروگرام ۾ خاص ترجيح ڏني وڃي، چين ۾ جديد زرعي تربيت لاءِ شاگردن کي ايندڙ تعليمي سيمسٽر کان ??وڪلڻ جي شروعات ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم جي چين جي دوري دوران طئي ٿيل معاهدن جي نتيجي ۾ 100 کان ??ڌيڪ چيني ڪمپنيون پاڪستاني ڪمپنين سان ??اڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ رابطي ۾ آهن. اجلاس کي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران ??واوي طرفان 3 لک شاگردن کي فني تربيت، ڪاروبار جي سهولت لاءِ ون اسٽاپ آپريشن ۽ سمارٽ گورننس ۽ سمارٽ سٽي تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم واپڊا کي داسو ۽ ديا مير ڀاشا تي چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بنائڻ لاءِ سيف سٽيز جي قيام جي هدايت ڪندي چيو ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس دوران ??زيراعظم ??ي پاڪستان ۾ چين طرفان ??ختلف مواصلاتي ڍانچي، بجلي ۽ گوادر ۾ منصوبن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته گوادر کي خطي ۾ واپاري راهداري جو مرڪز بڻائڻ لاءِ گوادر بندرگاه، گوادر هوائي اڏي، ۽ گوادر صنعتي زون جي ترقي لاءِ قدمن کي تيز ڪيو وڃي. چيني شمسي پينلز ۽ اوزار ٺاهيندڙ ڪمپنين سان ??اڪستان ۾ سندن ڪارخانا منتقل ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ تيزي آندي وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن جام ڪمال خان، عطاالله تارڙ، عبدالعليم خان، سردار اويس خان ??غاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير شزه فاطمهخواجه، خصوصي معاون طارق فاطمي، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.