اسلام آباد – 16 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪڙي شموزئي ڊيره اسماعيل خان ۾ ڳوٺاڻي صحت مرڪز تي دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آ??ي ته اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سا?? دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم حملي ۾ ٻن ٻارن، ٻن عورت هيلٿ ورڪرز، چوڪيدار ۽ جوابي ڪارروائي ۾ دهشتگردن کي جهنم واصل ڪندي شهادت ماڻيندڙ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن نائب صوبيدار محمد فاروق ۽ سپاهي محمد جاويد اقبال جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آ??ي. وزيراعظم شهيدن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ ??بر جميل جي دعا ڪندي چيو ته پاڪستان ما?? دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪري سُک جو ساهه کڻنداسين، پاڪستان ما?? دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستاني قوم ۽ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهيون. وزيراعظم چيو ته معصوم ٻارن ۽ عورتن تي حملو ڪندڙ بزدل دهشتگرد عنصرن جي پٺڀرائي ڪندڙن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائ??ند??سين، اهڙي بزدلاڻي ڪاررواين سا?? دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن.