اس??ام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر محمد اسحاق ڊار آمريڪي ڪانگريس جي عورت ميمبر شيلا جيڪسن لي جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ اسحاق ڊار چيو آهي، ته هڪ ناليواري قانونساز ۽ پاڪستان جي ثابت قدم دوست شيلا جيڪسن لي جي وفات جو ٻڌي ڏک پهتو آهي. هن ڪانگريس پاڪستان ڪاڪس جي چيئرپرسن هئڻ ناطي نمايان ڪردار ا??ا ڪيو. پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ لاءِ ان جي پختي عزم کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن مرحومه جي خاندان س??ن تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ اسان ڏکويل ڪٽنب ۽ ان جي چاهيندڙن س??ن گڏ آهيون.