اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڏورانهن علائقن ۾ تيز تر موبائيل انٽرنيٽ جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ميمبر بورڊ آف ڊائريڪٽر?? وي آن گروپ سر برينڊن ليوس جي قيادت ۾ وي آن گروپ/ جيز جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ ڊ??جي??ل نيشنل سمٽ ۾ شرڪت ڪندڙ وي آن گروپ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي جي ترقي ۽ واڌويجهه جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ تيز تر موبائيل انٽرنيٽ جي فراهمي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته وي آن / جيز گروپ پا??ستاني معيشت ۾ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پا??ستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪشن جي شعبي ۽ راب??ا وڌائڻ ۾ وي آن/ جيز گروپ جو ڪردار انتهائي اهم رهيو آهي. وفد ڊ??جي??ل پا??ستان انيشي ايٽو ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفد پا??ستاني معيشت کي ڪيس ليس بڻائڻ ۽ ڊ??جي??ائيز ڪرڻ جي وزيراعظم جي ويزن کي ساراهيو. ملاقات ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.