اسلام آباد – 20 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊ??ر سان پاڪستان جي دوري تي آيل ايشيا ۾ رابطي ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس (سيڪا) جي سيڪريٽري جنرل سفير ڪيرات سريبي مل??قات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وز??راعظم ايشيا ۾ گڏيل ۽ ٺوس تعاون تي ٻڌل ۽ پائيد??ر سلامتي جي لاءِ سيڪا جي ويزن جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تڪرارن ج?? روڪٿام، مقامي تڪرارن جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ ۽ سيڪا خطي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي لاءِ پائيدار حل ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نائب وز??راعظم اڀرندڙ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ روڪٿام جي سفارتڪاري، گهڻ رخي ۽ علائقائي تعاون جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. سيڪا جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو ۽ نائب وز??راعظم کي سيڪا جي جاري سرگرمين ۽ مستقبل جي موقف کان آگاهه ڪيو.