منسڪ-21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ب??لا??وس ٻطرفي لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۽ پارلياماني ر??بطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته قومي اس??مبلي جي اس??يڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. قومي اس??مبلي جي اس??يڪر سردار اياز صادق ب??لا??وس جي هم منصب ايگور سر گينڪو سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اس??يڪرن گڏيل طور تي پارليامينٽ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. سردار اياز صادق ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ب??لا??وس سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ ب??لا??وس وچ ۾ لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ احترام جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن. هن چيو ته پارلياماني سفارتڪاري ٻنهي ملڪن ۾ وڌيڪ لاڳاپن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اس??يڪر پاڪستان جي پارلياماني وفد جي والهاڻي استقبال ۽ مهمانوازي تي ب??لا??وس جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو مڃيو. ب??لا??وس جي اس??يڪر، س??دار اياز صادق ۽ ساڻس گڏ آيل پارلياماني وفد جو ب??لا??وس جو دورو ڪرڻ تي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جي پارلياماني وفد جو تازو دورو ٻنهي ملڪن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. هن چيو ته ب??لا??وس پاڪستان سان پنهنجي ويجهي دوستاڻي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ان موقعي تي ٻنهي اس??يڪرن ويجهي تعاون ۽ گڏيل افهام و تفهيم کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ب??لا??وس جي اس??يڪر عالمي فورمن تي پاڪستان طرفان ب??لا??وس جي حمايت تي شڪريو به ادا ڪيو.