اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف تيراهه واديءَ جي ضلعي خيبر ۾ فتنه الخوارج نام نهاد لشڪر اسلام ۽ جماعت الاحرار جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون وسارڻ جوڳيون نه ??هن. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? چيو ته پاڪ فوج جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي انتهائي گهربل دهشتگرد خارجي ليڊرن سميت 25 دهشتگردن کي ماريو ۽ 11 کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو. هن چيو ته آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزير??عظ?? چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون وسارڻ جوڳيون نه ??هن، دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزير??عظ?? چيو ته فتنه الخوارج کي ڪنهن به ص??رت ۾ ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، دهشتگردي جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.