اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان 15 کان 16 آڪٽوبر تائين اسلام آباد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ??يم??ر ملڪن جي ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو جيڪو ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي موجوده چيئر جي حيثيت سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايندڙ سي ايڇ جي اجلاس جي صدارت ڪندو. هن چيو ته اسان شنگهائي تعاون تنظيم جي ??يم??ر ملڪن، مبصر رياست منگوليا، ترڪمانستان بطور خصوصي مهمان ۽ عالمي تنظيمن جي نمائندن بشمول ايشيا ۾ انٽر ايڪشن ۽ اعتمادسازي جي قدمن بابت ڪانفرنس (سيڪا)، آزاد ر??استن جي دولت مشترڪه (سي آءِ ايس) ۽ يورپي اڪانومڪ ڪميونٽي (اي اي سي) جي ??يم??رن سان اعليٰ سطحي شرڪت جي اميد رکون ٿا. ترجمان چيو ته ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي اجلاس ۾ معيشت، واپار، ماحوليات، سماجي ۽ ثقافتي رابطن جي شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ تنظيم جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويندو. شنگهائي تعاون تنظيم جي قيادت ??يم??ر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ وڌ??ئڻ ۽ تنظيم جي بجيٽ جي منظوري جي لاءِ اهم تنظيمي فيصلا ڪندي. هن چيو ته پاڪستان 2017ع ۾ ??يم??ر بڻجڻ کانپوءِ کان شنگهائي تعاون تنظيم جي ??يم??ر ملڪن جي وچ ۾ سٺي پاڙيسري لاڳاپن ۽ گڏيل لاڀائتي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مستقل ۽ تعميري ڪ?? ڪيو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان پاران ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ جي ميزباني شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ ”شنگهائي جذبي“ جي قدرن جي لاءِ پاڪستان جي مستقل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.