اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آه?? ته پاڪستان آذربائيجان وچ ۾ پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آه??، گڏيل واپار کي وڌائڻ لاءِ وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آه??. سينيٽ سيڪريٽري موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آذربائيجان جي سفير خضر فرحاديو سا?? ملاقات دوران ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان آذربائيجان سا?? پنهنجن ڀائراڻن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻه لاڳاپا ثقافتي ۽ مذهبي قدرن سا?? جڙيل آه??، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ مذهبي قدرن تي ٻَڌل لاڳاپا قائم آه??. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته پارلياماني، سفارتي ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ انتهائي اهم آه??، ٻنهي ملڪن هميشه هڪٻئي جي مؤقف جي هر اهم فورم تي حمايت ڪئي آه??. آذربائيجان جي شهر باڪو ۾ ٿيندڙ سي او پي 29 ڪانفرنس ۾ پاڪستان ڀرپور انداز ۾ شرڪت ڪندو. هن چيو ته اسان جي ٻه طرفي واپار ۾ گذريل ڪجهه سا??ن ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ ۾ آيو آه??، جڏهن ته اسان جو ٻه طرفي واپار جو ڳاڻيٽو هاڻ تائين پنهنجي حقيقي صلاحيت کان تمام گهٽ آه??، گڏيل واپار کي وڌائڻ کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضرورت آه??. هن چيو ته پاڪستان جو راباخ جي مسئلي تي آذربائيجان جي نقطه نظر جي حمايت ڪري ٿو، ڪشمير مسئلي تي پاڪستاني نقطه نظر جي حمايت تي آذربائيجان جا شڪرگذار آه??ون. هن چيو ته اسلام آباد/لاهور/ڪراچي ۽ باڪو وچ ۾ هفتي دوران 6 اُڏامون هلي رهيون آه?? جيڪا خوشيءَ جي ڳالهه آه??، ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سينيٽ چيئرمين چيو ته توانائيءَ جي شعبي ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ به انتهائي اهميت رکي ٿي، اها ڳالهه سٺي آه?? ته سمورن علائقائي ۽ عالمي تنظيمن خاص طور گڏيل قومن، او آءِ سي ۽ ايس سي او ۾ اسان جو ٻه طرفو سهڪار مضبوط ۽ غير متزلزل آه??. هن چيو ته اعليٰ سطح تي پارلياماني وفدن جي ڏي وٺ ۾ تيزي آڻڻ جي سخت ضرورت آه??. پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سا?? عوامي سطح تي رابطن کي وڌيڪ تقويت ملندي. صدر الهام عليوف جي قيادت ۾ آذربائيجان نمايان ترقي ڪئي آه??، پاڪستان آذربائيجان جي ترقي، خوشحالي ۽ امن امان جي قي??م جي حوالي سا?? قدمن کي ساراهي ٿو. سينيٽ چيئرمين، آذربائيجان جي قيادت، آذربائيجان جي ملي مجلس جي سربراهه ۽ عوام لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي سفير خضر فرحاديو چيو ته آذربائيجان ۽ پاڪستان وچ ۾ بهترين لاڳاپا قائم آه??، آذربائيجان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي خواهش رکي ٿو ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آه??، جنهن سا?? ڀرپور فائدو کنيو ويندو.