اسلام آباد-16 آڪٽوبر (اي پي پي) موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي صلاحڪار رومينه خورشيد عالم چيو آهي ته موسمياتي تبديلي کي م??هن ڏيڻ لاءِ جٽادار زرعي طريقن جي ضرورت آهي، جيڪي عالمي غذائي ??حفظ ۽ آبادي جي ڀلائي لاءِ انتهائي ??هم آهن. خوراڪ جي عالمي ڏي??هن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن ??يو ته موسمياتي تبديلي هڪٻئي ??ان جڙيل مڪينزم ذريعي غذائي ??حفظ ۽ ??ائ??دار زراعت تي ناڪاري اثر ڇڏي ٿي، هن ??يو ته وڌندڙ گرمي پد، برساتن جي تبديل ٿيندڙ طريقن ۽ انتهائي موسمي حالتون زرعي پيداواري صلاحيت کي خطري ۾ وجهي رهيون آهن ج??هن جي نتيجي ۾ خ??راڪ جون قيمتون ۽ گهٽ آمدني وارن گروهن ۾ غذائي کوٽ جي خطري ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن خبردار ڪيو ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ 2050ع تائين وڌيڪ لکين ماڻهن ??ي بک کي م??هن ڏيڻو پئجي سگهجي ٿو. رومينه خورشيد عالم موسمياتي لچڪدار زراعت جي فوري ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته پاڪستان موسمياتي خطرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهي، ملڪ کي ٻوڏ ۽ سخت گرمي جهڙي شديد موسمي صورتحال درپيش آهي جيڪا زرعي پيداوار ۽ خوراڪ جي تحفظ کي خطري ۾ وجهي ٿي. هن ??يو ته موسمياتي چئلينجز کي م??هن ڏيڻ دوران وڌندڙ آبادي جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پوکي جي طريقن ۾ تبديلي جي ضرورت آهي. هن ??يو ته موسمياتي تبديلي سان غربت ۽ غذائي کوٽ ۾ اضافو ٿئي ٿو جڏهن ته اها متاثر علائقن ۾ خ??راڪ جي معيار ۽ دستيابي کي متاثر ڪري ٿي. هن مناسب غذائيت کي يقيني بڻائيندي موسمياتي اثرن کي برداشت ڪرڻ جي قابل ??ائ??دار غذائي نظام قائم ڪرڻ لاءِ فوري قدمن تي زور ڀريو.