اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ بنا ثبوت لاشن تي سياست ڪرڻ چاهي ٿي، سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن ۾ ڪو هٿيار استعمال نه ٿيو، جيڪڏهن لاش ڪريا آهن ته پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ ٻيا ثبوت پيش ڪن، پي ٽي آءِ پنهنجي احتجاج دوران سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو، جديد هٿيارن سان ليس شرپسندن اسلام آباد تي حملو ڪيو. پي ٽي آءِ جي احتجاج جي حوالي سان اهم ڳالهه ٻولهه ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻي سان ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳايو پيو وڃي، پي ٽي آءِ جي شرپسندن قانون ??اڳو ڪندڙ ادارن کي نشانو بڻايو، ملڪيتن کي نقصان پهچايو، رينجرز ۽ پوليس جا جوان شهيد ٿيا، ان کانپوءِ مظلوميت جو پرچار ڪرڻ ۽ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪرڻ جي لاءِ لاشن جو سهارو وٺڻ انتهائي ڪڌو فعل آهي. وفاقي وزير چيو ته علي امين گنڊاپور پاڻ سان گڏ خيبرپختونخواهه حڪومت جي جديد هٿيارن سان ليس سادي ڪپڙن ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار گڏ آندا، ا??هن وٽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل ۽ شيل فائر ڪندڙ گنز هيون، ا??هن پٿراءُ ڪيو، گليلن ۽ بلورن سان پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻايو، ا??هن پاران لاشن جي ڳالهه ڪرڻ انتهائي افسوسناڪ آهي. ا??هن بنا ثبوت ۽ دليل جي سوشل ميڊيا تي پروپئگنڊه شروع ڪئي ۽ ڪوڙ ڳالهايو ته لاش ڪريا آهن، ماڻهو مئ?? آهن. ٿوري دير اڳ پولي ڪلينڪ انتظاميا پڻ بيان جاري ڪيو آهي ته هتي ڪو لاش ناهي آيو، واٽس ايپ ۽ سوشل ميڊيا تي تحريڪ انصاف وارا صبح کان پرچار ڪري رهيا هئا ته لاش ڪِريا آهن، هي واحد سياسي پارٽي آهي جيڪا لاشن جي ڳولا ۾ رهي ٿي، ڪو به لاش ڪِري ته چون ??ا ته اسان جا ماڻهو شهيد ڪيا وي??. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته هن گذريل رات ڊي چوڪ کان سيونٿ ايونيو تائين پوري ايريا جو چڪر لڳايو ۽ سڄي رات اتي موجود رهيو، نه گولين جا خول هئا نه ڪ??هن قسم جي فائرنگ ٿي، نه ا??هن جي ماڻهن کي ڊائريڪٽ ٽارگيٽ ڪيو ويو، پوءِ به ا??هن راهه فرار اختيار ڪئي ۽ موقعي تان ڀڄي وي??، ان فرار جي جواز جي طور تي اها عُذر پيش ڪيو پيو وڃي ته اسان جي ماڻهن کي ماريو ويو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي ڌرڻي مان 37 افغان شهري گرفتار ٿيا، ا??هن سان گڏوگڏ ڪيترائي اهڙا ماڻهو به هئا جن جو دهشتگردي، چوري، ڦر سان تعلق آهي ۽ مختلف وارداتن ۾ ملوث آهن. هن چيو ته لاشن جي ڳالهه ڪندڙ ثبوت پيش ڪن، ڪٿي آهي پوسٽ مارٽم رپورٽ، ڪوڙو بيانيو ٺاهڻ ۾ اهي تمام گهڻو تيز آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ احتجاج ۾ 150 کان وڌيڪ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا، پوليس ۽ رينجرز جا اهلڪار شهيد ٿيا، ا??هن جي ماڻهن کي هٿيار هلائيندي ڏٺو ويو آهي، اهي شيل فائر ڪري رهيا هئا، ا??هن ماڻهن بابت هي ڪهڙو جواب ڏيندا؟ هن چيو ته پي ٽي آءِ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت بيلاروس جي صدر جي دوري کي سبوتاز ڪرڻ چاهيندي هئي، هي چاهيندا هئا ته شهر جي امن کي خراب ڪيو وڃي، معيشت ۽ پاڪستان کي نقصان پهچايو وڃي. هن چيو ته جيترو به تشدد ٿيو پي ٽي آءِ پاران ٿيو، ا??هن فورسز جي جوانن کي شهيد ڪيو، تشدد جي واقعن ۾ ا??هن جا ماڻهو ملوث ڏٺا وي??، جيڪي ماڻهو گرفتار آهن ا??هن کان جاچ ٿي رهي آهي، 37 افغان شهرين کان اسان 43 گنز برآمد ڪيون آهن، گرنيڊ، گنز، ڳوڙها آڻيندڙ گئس هلائيندڙ گنز، جديد هٿيار ا??هن وٽ هئا، اهي ان نيت سان آيا هئا ته امن خراب ڪرڻو ۽ حملو ڪرڻو آهي، ان کانپوءِ لاشن تي سياست ڪري چوڻ ته اسان جي ماڻهن تي گوليون ??لايون ??يون. عطاءُ الله تارڙ چيو ته هي ان لاءِ ڀڄي وي?? آهن ته ا??هن جو منصوبو ۽ سياسي بيانيو ناڪام ٿي چڪو هو، ا??هن وٽ ڪو جواب نه هو، ا??هن وٽ ماڻهو نه هئا. هن چيو ته 2014ع جي ڌرڻي کانپوءِ هي ڪو ڌرڻو يا احتجاج ڪ??هن مدد کانسواءِ نه ڪري سگهيا. عطاءُ الله تارڙ چيو ته بشريٰ بي بي رت وهائڻ جي نيت سان آئي هئي. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور کي اڄ کانپوءِ پڳ نه پائڻ گهرجي، هو پنهنجي گرفتاري جي خوف کان ٻيو ڀيرو ڊي چوڪ تان پنهنجي ورڪرن کي بنا سامان جي ڇڏي فرار ٿيو، سياسي تحريڪون اهڙي طرح ناهن هلنديون، سياسي تحريڪن ۾ بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪرڻو پوي ٿو. عطاءُ الله تارڙ چيو ته قومي نظريي سان اسان کي ملڪ ۽ قوم جي مفاد جي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، هي ماڻهو ناڪام ٿي چڪا آهن، ا??هن جو نظريو ناڪام ٿي چڪو آهي، ا??هن جي سياست ناڪام ٿي چڪي آهي، هي ماڻهو جُتين ۽ ڪپڙن تائين اتي ڇڏي ڀڄي وي?? آهن. وفاقي وزير چيو ته لاش ڪيرائڻ جو الزام ا??هن کي ثابت ڪرڻو پوندو، اسان ا??هن جي سي سي ٽي وي فوٽيج ڏيکاري، ا??هن بيانيو ٺاهيو ته رينجرز جا اهلڪار پنهنجي ئي گاڏي جي ٽڪر سان شهيد ٿيا، اسان ايبٽ آباد مان همراهه پڪڙيو، سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آهي. وفاقي وزير چيو ته احتجاج دوران ا??هن جي سياسي قيادت ڪٿي هئي، عاطف خان، ش??را?? ترڪئي، اسد قيصر، سلمان اڪرم راجا، حماد اظهر، شيخ وقاص ڪٿي هئا، ا??هن وٽ ماڻهو نه هئا، هي گرفتاري جي ڊپ کان ڀڄي وي?? آهن ۽ الزام هڻي رهيا آهن ته لاش ڪِريا آهن. هن چيو ته ڪوڙ، مڪاري، منافقت ۽ تشدد جي سياست عوام رد ڪري ڇڏي آهي، اڳتي توهان قومي مفاد جي خلاف اسلام آباد حملو ڪرڻ جي جرئت نه ڪري سگهندا.