اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ??ه پاڪستاني جوانن ۾ تمام گهڻي صلاحيت موجود آهي ۽ مناسب موقعا ملڻ تي هو هر ميدان ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرائين ٿا، ڪامياب جوان پروگرام نه رڳو نوجوانن کي روزگا?? جي فراهمي پر ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن جي ترقي جي فروغ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. وزيراعظم عمران خان اهڙو اظهار نوجوا??ن جي ترقي ۽ انهن کي ڪاروباري موقعا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ شروع ڪيل ڪامياب جوان پروگرام تي بريفنگ وٺڻ دوران ڪيو.