اسلام آباد – پهرين فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف پنهنجي وڇايل ڄار ۾ پاڻ ڦاسي ويو آهي، ب??طانيا جي عدالتن کي به خبر پوندي ته سندس اصليت ۽ حقيقت ڇا آهي؟ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار فردوس عاشق اعواڻ شهباز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ته قوم جو سوال آهي ته توهان سچا هج?? ها ته عدالت سان رجوع ڪرڻ ۾ 6 مهينا ڇو لڳايا؟ شهباز صاحب! ميڊي?? تي اثرانداز ٿيڻ توها?? جو شيوو آهي.