اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ چيو آهي ته سوچيل سمجهيل منصوبي تحت هڪ چونڊيل حڪومت کي ڪيرائڻ جي سازش ڪرڻ جو اعتراف ڪندڙ حقيقت ۾ آئين تحت بغاوت ڪرڻ جا مرتڪب ٿيا آهن، ا??تدار جي لاءِ جمهوريت نعرو لڳائڻ، سياسي انتشار ۽ افراتفري پکيڙيندڙ ٽولو 2023ع تائين پنهنجي واري جو انتظار ڪري، 2023ع جي ايندڙ اليڪشن ۾ عوام انهن جي سياست ۽ اسان جي خدمت کي ڏسي فيصلو ڪندي، وزيراعظم عمران خان عوام سان جيڪي ??ه واعدا ڪيا اهي پورا ٿي رهيا آهن. هو پراپرٽي ڊيلرز ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل عه??يدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.