اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊا??ٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت هنگامي طور تي رقم جي ورهاست دوران ڪورونا کان بچاءُ لاءِ سخت حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ادائيگي مرڪزن تي ڪورونا وا??رس کان بچاءُ جي احتيا??ي تدبيرن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ادائيگين جي مرڪزن تي ان سلسلي ۾ سينيٽائيزر رکيا ويا آهن جڏهن ته معذور ۽ بزرگ ماڻهن لاءِ به خصوصي قدم کنيا ويا آهن، ڪجهه مرڪزن تي اسپري وا??ا واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا آهن ۽ مع??ور ماڻهن وٽ وڃي انهن جي بايوميٽرڪ ڪئي پئي وڃي.