اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ جي ڪ??هه علائقن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي هٿرادو کوٽ جو سخت نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي آهي ته هٿرادو کوٽ جي ذم??دارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪ??ي وڃي. پيٽروليم واري وزارت ۽ اوگرا ايندڙ 48 کان 72 ڪلاڪن ۾ پيٽرول جي باقاعده سپلائي کي يقيني بنائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻي. وزيراعظم چيو ته اسان جي عوام جي هڪ طبقي ۾ ڪ??رو??ا جي باري ۾ اڃان به غلط فهمي??ن موجود آهن جنهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ملڪ جي معاشي حالتن کي نظر ۾ رکندي لاڪ ڊائ??ن ممڪن نه آهي، معاشري ۾ اضطراب (خوف) پيدا ڪرڻ بدران ان صورتحال جو مقابلو ڪرڻو پوندو، شوگر انڪوائري جي معاملي کي منطقي انجام تائين پهچايو ويندو، کنڊ جي قيمت ۾ هر صورت ۾ گهٽتائي آڻينداسين، هي پاڪستان ۽ پاڪستاني عوام جي جنگ آهي جيڪو به ان معاملي ۾ ملوث هوندو ان جي خلاف ايڪشن ضرور ٿيندو، جڏهن ته وفاقي ڪ??بينا ارسا ٽيلي ميٽر سسٽم کي سبوتاز ڪرڻ جي معاملي جي انڪوائري لاءِ ڪميٽي جوڙڻ، قابل ماڻهن کي سرڪاري ادارن جو سربراهه مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وفاقي ڪ??بينا چيو آهي ته سالن کان غير فعال اسٽيل ملز جو سڄو بار عوام کي برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي، ملڪي مفادن ۾ سڌارن واري ايجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌايو ويندو، ڪابينا پولٽري جي قيمتن ۾ اضافي جي معاملي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، وفاقي ڪ??بينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.