اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل گ??ٽتائي اچي رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عوام کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطه ڪار تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ا??س او پ??ز تي عملدرآمد جاري رکيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائي وڃي، ائين نه ٿئي جو جهڙي طرح گذريل ??يد ۾ ا??س او پيز کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ اسان جا اس??تال ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويا، هن حڪومت طرفان طئي ڪيل ????س او پ??ز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان خوش قسمتي سان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ڪورونا جي مريضن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگهداشت ۽ وينٽي ليٽرز تي به مريضن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته بدقسمتي سان اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اها شرح تمام گهڻي آهي.