اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته سنڌ حڪ??مت ڪراچي سميت صوبي جي عوام جي مسئلن کي نظر انداز ڪيو جنهن سان موجوده صورتحال پيدا ٿي آهي، وفاقي حڪ??مت سمورا سياسي اختلافن کي مٿانهون رکندي سنڌ جي عوام جي مسئلن جي حل لاءِ جامع ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي، مخالف ڌر ايف اي ٽي ايف جي معاملي تي قانونسازي ۾ رخنو وجهي اين آر او چاهي ٿي، ملڪ ايف اي ٽي ايف جي بليڪ لسٽ ۾ وڃڻ جي سٽ نٿو سهي سگهي، عوام جي سامهون مخالف ڌر جو ڪردار بي نقاب ڪندا رهنداسين، انهن جو مقصد ملڪي مفاد نه پر ذاتي مفاد ۽ پنهنجي اڳواڻن جو تحفظ آهي، درآمدي کنڊ ۽ ڪڻڪ ملڪ ۾ پهچي چڪي آهي جنهن سان قيمتن ۾ گهٽتائي ايندي، پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪ??مت جي پاليسين جو محور لاچار ۽ غريب طبقا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊي??ارٽمينٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪراچي جي عوام جنهن ڪرب مان گذري رهي آهي ان سان وفاقي حڪ??مت لاعلم نه آ??ي، حڪ??مت سميت پوري قوم کي ڪراچي جي عوام سان پوري همدردي آهي، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي ڪراچي جي صورتحال تي بريفنگ وٺي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان هلندڙ هفتي ڪراچي جو دورو ڪندو، وزيراعظم سنڌ جي صوبائي حڪ??مت کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.