تربت – 13 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ب??وچ??تان جي پسماندگي جو سبب ماضي جا حڪمران آهن، ماضي ۾ ب??وچ??تان جي سياسي اڳواڻن به عوام بدران ذاتي مفادن کي ترجيح ڏني، ماضي ۾ سياسي اڳواڻن ب??وچ??تان کان وڌيڪ لنڊن ۽ هڪ اڳوڻي صدر ب??وچ??تان کان وڌيڪ دبئي جا دورا ڪيا، موجوده حڪومت جي دور ۾ سياسي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري ب??وچ??تان تي خصوصي ڌيان ان لاءِ ڏنو پيو وڃي ته اهو ترقي ۾ پوئتي آهي، ڪمزور طبقن کي سهولت فراهم ڪرڻ کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم ب??وچ??تان ۾ به شروع ڪئي ويندي، موثر معا??ي پاليسين جي ڪري ڪورونا جي باوجود ملڪي معيشت مثبت رخ ۾ گامزن آهي، 17 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڪرنٽ اڪائونٽ پلس آهي، گذريل چئن مهينن ۾ ڪو به نئون قرض ناهي ورتو ويو، ڪورونا جي ٻي لهر سان پاڪستان به متاثر ٿي رهيو آهي، حفاظتي تدبيرن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻو پوندو. هو هتي ڏکڻ ضلعن جي چڱن مڙسن کي خطاب ڪري رهيو هو.