اسلام آباد – 02 اپريل (اي پي پي) خادم حرمين شريفين شا??ه سلمان بن عبدالعزيز صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي ڪووڊ – 19 مان جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. صدر جي نالي پنهنجي هڪ پيغام ۾ سعودي فرمانروا شا??ه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته اسان کي توهان جي ڪورونا وائرس سبب متاثر ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي، اسان توهان جي سدائين به??ر صحت، خوشي ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريون ٿا. واضح رهي ته صدر عارف علوي جو 29 مارچ تي ڪورونا ٽ??سٽ مثبت آيو هو. ان کان اڳ سعودي عرب جي فرمانروا شا??ه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان جي ڪورونا ٽ??سٽ مثبت اچڻ تي کيس به به??ر صحت ۽ جلد صحتيابي لاءِ نيڪ تنمائن جو پيغام موڪليو هو