ڪراچي – 18 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان بيت المال جي اهميت ۽ ڪارڪردگي اجاگر ڪرڻ تي زور ڏنو آهي ته ج??ئن وڌ کان وڌ غريب ۽ مستحق ماڻهو ان مان فائدو حاصل ڪري سگهن، ا?? سلسلي ۾ عوامي آگاهي ل??ءِ خصوصي پروگرام جوڙڻ جي ضرورت آهي ڇو ته آبادي جو وڏو حصو بيت المال جي خدمتن بابت آگاهه نه آهي. اها ڳاله?? هن مينيجنگ ڊائريڪٽر پاڪستان بيت المال ملڪ ظهير عباس کوکر جي قيادت ۾ گورنر هائوس ۾ ملاقات ل??ءِ آيل وفد سان ڳالهائيندي چئي. وفد ۾ ڊاڪٽر عدنان مجيد ۽ ٻيا به شامل هئا. صدر چيو ته عام طور تي اهو تاثر ڏٺو ويندو آهي ته 18 هين ترميم کانپوءِ بيت المال جا فنڊز غريب ماڻهن جي علاج ل??ءِ استعمال نٿا ڪري سگهجن، هن چيو ته ا?? غلط فهمي کي ختم ڪرڻ گهرجي ته ج??ئن بيت المال جي فنڊن مان مستحقن کي مفت طبي سهولتون فراهم ڪري سگهجن.