اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ??هر?? ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن، سعودي عرب جي ترقي ۾ پرڏيهي پاڪستانين جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، ڪووڊ بابت سفري پابندين جي ڪري سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين جي وقت واپسي لاءِ قدم کنيا وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير پرنس فيصل بن فرحان السعود وزيراعظم عمران خان س??ن هتي ملاقات ڪئي، وزيراعظم سندس والهاڻو استقبال ڪيو ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ ??هر?? لاڳاپن جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي خامين الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي مئي 2021ع جي پنهن??ي سعودي عرب جي دوري جو به ذڪر ڪيو جنهن جي لاءِ ڪيل فيصلن جي روشني ۾ وزيراعظم ان جي مختلف رخن تي روشني وجهندي چيو ته ??رورت ان ڳالهه جي آهي ته مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ نيون راهون ڳوليون وڃن. وزيراعظم خصوصيت سان زور ڏنو ته معاشي رخ کي سگهه ڏيڻ ۽ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ هر ممڪنه قدم کنيا وڃن، وزيراعظم عمران خان س??ودي پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي فعاليت جي حوالي سان کنيل قدمن کي ساراهيندي چيو ته ??عودي عرب ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ بهتري لاءِ تزويراتي رخ جي تعين لاءِ اعليٰ سطح جو اهم پليٽ فارم آهي. وزيراعظم سعودي عرب جي خوشحالي ۽ ٻنهي ملڪن جي ترقي لاءِ پاڪستاني ڪميونٽي جي اهم ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته ??وام جي وچ ۾ مضبوط رابطن س??ن ٻه طرفي لاڳاپن کي ٺوس بنياد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. وزيراعظم عمران خان ڪورونا بابت سفري پابندين جي حوالي سان پاڪستاني شهرين کي درپيش مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي چيو ته ??رورت ان ڳالهه جي آهي ته ??عودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پاڪستانين کي انهن جي واپسي لاءِ بروقت قدم کنيا وڃن، هن س??ودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ڪووڊ ويڪسين جي فراهمي تي ٿورو ادا ڪيو. ان موقعي تي ٻنهي ملڪن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪورونا جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته ??فغانستان ۾ سمورين ترين کي سياسي حل لاءِ تعميري ۽ بامقصد ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي ته ??من ۽ خطي جي استحڪام لاءِ انتهائي اهميت رکند?? آهي. ان موقعي تي سعودي وفد والهاڻو استقبال ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. پرنس فيصل چيو ته ??عودي عرب پاڪستان س??ن مضبوط لاڳاپا رکند?? آهي. اهي لاڳاپا اخوت ۽ ڀائيچاري تي ٻڌل آهن. هن وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد جي اسٽريٽجڪ حڪمن جي روشني ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۽ سعودي عرب هڪٻئي سان ويجهي ۽ گڏيل تعاون جي ذريعي ويجها ڀائراڻا لاڳاپا رکند?? آهن. سعودي عرب اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي جي ڄمون ۽ ڪشمير بابت رابطا گروپ جو ميمبر آهي ۽ هو ڪشمير ڪاز جو حامي آهي.