اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ??ي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان ۽ افغانستان جي مذهبي ۽ ثقافتي قدر هڪجهڙا آهن، اسان هڪ مضبوط افغانستان جا خواهشمند آهيون جنهن ۾ فيصلو افغانستان جا ماڻهو پاڻ ڪندا، افغان باهمت ماڻهو آهن، هنن ڪڏهن شڪست تسليم ناهي ڪئي، افغان ا??ن عمل ۾ پاڪستان ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان ا??غانستان کي ترقي ڪندڙ ملڪ ڏسڻ چاهيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪ افغان يوٿ فورم جي اهتمام هيٺ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي اطلاعا?? ۽ ??شريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نور الحق قادري، موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جو خاص مددگار شهباز گل سميت ٻيون ا??م شخصيتون به موجود هيون. قاسم خان سوري چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جا مذهبي ۽ ثقافتي قدر هڪجهڙا آهن، اسان جا تاريخي هيروز ڪابل کان اچي ننڍي کنڊ پا?? ۽ ??ند ۾ تاريخ رقم ڪئي، حضرت داتا گنج بخش افغانستان مان هتي آيو ۽ اسلام جي تبليغ ڪئي، شير شاهه سوري ڪابل کان ڪلڪته تائين 3300 ڪلوميٽر رستو ٺاهيو. هن چيو ته بدقسمتي سان گذريل 40 سالن دوران ا??غانستان ۾ ظلم ۽ ستم ڪيو ويو. تقريبن 30 لک افغان پناهگير گذريل 40 سالن کان هتي رهيل آهن، انهن پناهگيرن جي بارن جي نالا افغانستان سان جڙيل آهن پر انهن اڄ تائين ا??غانستان ناهي ڏٺو، هن چيو ته اسان ا?? وقت تائين اڳتي نٿا وڌي سگهون جيستائين ا??غانستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ نه بڻجي وڃي، هن چيو ته اسان ا??غانستان کي ترقي ڪندڙ ملڪ ڏسڻ چاهيون ٿا. هن ٻڌايو ته گذريل ٽن سالن دوران ا??غانستان جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي هتي گهرايو ويو، افغاني اسان جو ڀاءُ آهن، اسان جن حالتن مان گذري رهيا آهيون هڪٻئي کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته 40 سالن جي جنگ ۽ جدل سان ڏٺي آهن، اسان بارڊر تي سٺي فضا قائم ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته افغان ا??ن عمل ۾ پاڪستان پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، نوجوانن کي مخطاب ٿيندي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قاسم خان سوري چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته افغانستان ۾ هڪ متفقه حڪومت قائم ٿي جنهن ۾ فيصلا افغانستان جا ماڻهو پاڻ ڪندا، هن چيو ته افغانستان ۾ خراب ٿيندڙ صورتحال سان پاڪستان به متاثر آهي، افعانستان ۾ امن ٿيندو ته اسان به ترقي ڪندا، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان 57 اسلامي ملڪن ۾ سڀ کان مشهور ملڪ ۽ ايٽمي طاقت آهي، هتي جي وڏي آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، اسان کي انهن کي بهتري جي طرف وٺ?? وڃڻو آهي، ان موقعي تي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق قادري پشتو زبان ۾ خطاب ڪيو.