اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جو پارلياماني معامن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ جي صدارت ۾ ا??يڪٽرانڪ ووٽنگ مشينز متعارف ڪرائڻ ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ جوڙيل ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس پارلياماني معاملن وار?? وزارت جي ڪميٽي روم ۾ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ا??فارميشن ٽيڪنالاجي وارو وفاق?? وزير امين الحق شرڪت ڪئي، جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد ??سي?? خصوصي دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. نادرا چيئرم??ن، پارلياماني معاملن وار?? وزارت ۽ سائنس ٽيڪنالاجي وار?? وزارت جي آفيسرن به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي نادرا چيئرمين ٻڌايو ته پرڏيهي پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ حڪومت جي جاري ڪيل آرڊيننس ۽ آئين موجب نظام جي تياري جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جيڪو هن سال اندر مڪمل ٿيندو، ان نئين نظام ۾ ا??تظامي ۽ اليڪشن ڪميشن جي اختيارن کي مڪمل ڌار رکيو ويندو ۽ ووٽ جي ر??زداري کي قائم رکيو ويندو. نادرا چيئرمين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن هن اليڪشن ڪميشن کي به پنهنجي موجوده نظام جي باري ۾ بريفنگ ڏني جنهن کي هن ساراهيو ۽ اصولي طور تي اهو ڪم نادرا کي ڏيڻ جو اشارو ڏنو. ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي فيصلو ڪيو ته نادرا ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي وار?? وزارت جي ماهرن جو اجلاس اڄ 4 آگسٽ تي ٿيندو جنهن ۾ مشاورت سان گڏ رپورٽ تيار ڪئي ويندي جنهن کي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي 9 آگسٽ 2021ع تي پنهنجي ايندڙ اجلاس ۾ غور هيـٺ آڻيندي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ نادرا چيئرمين کي ساراهيندي چيو ته سندس ڪوششن سان اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا هڪ پيج تي اچي رهيا آهن، هن هدايت ڪئي ته هو بريفنگ مختلف پارلياماني ڪميٽين ۾ به پيش ڪرڻ لاءِ تيار رکي.