اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان کي ڊينمارڪ جي وزيراعظم ميٽي فريڊرڪسن ٽيليفون ڪ??ي ۽ ساڻس ??فغ??نستان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان ڊينمارڪ جي وزيراعظم سان ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪيو ۽ سموري ??فغ??ن عوام جي تحفظ، سلامتي ۽ حف??ظت کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ٺوس سياسي حل جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم ??فغ??نستان مان سفارتي اهلڪارن ۽ عالمي تنظيمن جي عملي ۽ ٻين جي ??فغ??نستان مان نڪرڻ جي لاءِ سهولتڪار طور پاڪستان جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ڊينمارڪ جي وزيراعظم ??فغ??نستان مان ان سلسلي ۾ نڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي حمايت ۽ امداد تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.