اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 66 فوتگيون ٿيون جنهن مان 21 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل ان??ن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 ??زار 974 ماڻهن ج?? ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو، پشاور ۾ 40 سيڪڙو، ملتان 45 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 50 سيڪڙو ??ريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 73، ڪراچي ۾ 55 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 56 سيڪڙو ۽ سوات ۾ 60 سيڪڙو ??ريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 57 هزار 460 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 822، پنجاب ۾ 20 هزار 766، خيبرپختونخواهه ۾ 10 هزار 84، اسلام آباد ۾ 5 هزار 300، بلوچستان ۾ 1685، گلگت بلتستان ۾ 724، آزاد ڪشمير ۾ 1079 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو ان?? 9 لک 96 هزار 426 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 491 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو ان?? 88 هزا?? 209 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو ان?? 11 لک 9 هزار 274 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 29 هزار 790، بلوچستان ۾ 31 هزار 686، گلگت بلتستان ۾ 9 هزار 482، اسلام آباد ۾ 94 هزار 714، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 53 هزار 836، پنجاب ۾ 3 ??ک 74 هزار 916 ۽ سنڌ ۾ 4 لک 14 هزار 850 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو ان?? 24 هزار 639 ٿي چڪو آهي،