اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته تيل جي قيمتن ۾ اضافي کي بنياد بڻائي ائين پروپئگنڊه ٿي رهي آهي جيئن اسان دنيا کان ڪنهن جدا سياري تي آهيون، جيڪڏهن دنيا ۾ تيل، ??ئس جون قيمتون مٿي وينديون ته پاڪستان ۾ قيمتون مٿي وينديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته سڄو ملڪ سبسڊي تي نه ٿو هلي س??هي، اڄ قيمتون مٿي آهن سڀاڻي گهٽ ٿي وينديون ته هتي به گهٽ ٿي وينديون. هن چيو ته هڪ قوم وانگر مشڪلاتن کي منهن ڏينداسين. وفاقي وزير چيو ته معاشي مشڪلاتون عارضي آهن، انڊسٽري، زراعت ۽ تعميرات جا شعبا تاريخي منافعو ڪمائي رهيا آهن. هن چيو ته پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون آهن، پ??ائيويٽ سيڪٽ?? پنهنجي ورڪرز جي پگهارن ۾ اضافو ڪري، آمدني ۽ روزگار ۾ اضافو مهانگائي جو ٽوڙ آهي.