اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معاشري ۾ مثبت سوچ ۽ طرز عمل کي فروغ ڏيڻ لاءِ ذميداراڻو انداز اختيار ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ??هي ته مڪمل هم آهنگي ۽ قوم جي ثقافتي تنوع کي اتحاد ۾ بدلائڻ جي لاءِ امن ۽ رواداري جي ق??رن تي ٻڌل پاڪستان جو ثقافتي بيانيو وقت جي اهم ضرورت آهي. پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ ”ق??مي يڪجهتي ۽ ثقافتي هم آهنگي“ جي موضوع تي منعقد ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صدر چيو ??ه پاڪستان جي ثقافت سمورن صوبن ۽ قوميتن جي رسم ۽ رواج جو حسين امتزاج آهي. تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وزارت تحت ق??مي ورثه ۽ ثقافت ڊويزن جي اهتمام هيـٺ ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ سڄي ملڪ مان اسڪالرز شرڪت ڪئي ته جيئن ق??مي ثقافتي انضمام جي موضوع تي غور ڪري سگهجي. صدر چيو ??ه پاڪستان جي ثقافت گڏيل بقاءُ ۽ هم آهنگي جي تصور سان جڙيل آهي، قوم کي سماجي ق??وليت جو مظاهرو ڪرڻ لاءِ رهنما اصول فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ??ه مذهب ۽ خواهشن جو گڏيل عمل ڪجهه وقت پاڻ کي رواداري ۽ برداشت جي رستي تان هٽائي سگهي ٿو، جڏهن ته ڪنهن خاص عقيدي کي ٻين تي مڙهيو ويندو آهي ته مصيبتون ۽ تڪرار سامهون ايندا آهن، هن چيو ??ه اسلامي ثقافت ملڪ جي سماج کي پاڻ ۾ گڏي سگهي ٿي جيڪا هم آهنگي تي زور ڏيندي آهي، هن قوم تي زور ڏن?? ته هو مذهب جي آڙ ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي فروغ ڏيندڙن کان هوشيار رهي، اهڙي طرح سامجي تڪرارن کي هوا ڏني ويندي آهي، هن صوفي بزرگن جي پيغام کي فروغ ڏيڻ تي به زور ڏنو جنهن ۾ دلين کي جوڙڻ جي لاءِ رواداري تي ڌيان ڏنو ويو. صدر عارف علوي چيو ??ه ٻه ق??مي نظريو پاڪستان جي نظرياتي بنياد آهي جنهن هڪ قوم جي ڌار مذهبي، ثقافتي ۽ روايتي شناخت تي ڌيان ڏنو. هن چيو ??ه اڄ جي هندستان ۾ هندو انتهاپسند آر ايس ايس مسلمانن جي ثقافتي شناخت کي مٽائڻ جي لاء?? قدم کڻي رهي آهي ۽ خبردار ڪيو ??ه اها صورتحال پاڻ ڀارت کي ثقافتي تباهي جي طرف وٺي وڃي سگهي ٿي، ان موقعي تي صدر معاشري ۾ مثبت سوچ ۽ طرز عمل کي فروغ ڏيڻ لاءِ قوم ۾ ويڇا پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجندڙ جعلي خبرن جي رجحان کي ترڪ ڪري ذميداراڻي انداز اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو.