اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دعوت ڏينداسين، جنهن کي قائل ڪرڻو آهي ان کي ميز تي آڻڻو پوندو، پاڪستان ذميوار ملڪ آهي، امن ۽ استحڪام ۾ دنيا جي لاءِ ۽ علائقائي فائدا آ??ن، بگاڙ پيدا ٿيو ته ڪو به بچي نه سگهندو. ٽرائيڪا پلس کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائيندي پرڏيهي وزير چيو ته مون اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سا?? پاڪستان ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن سميت روس کي به گهرايو ۽ هاڻي اسان چين جي طرف وڃي رهيا آ??يون. پرڏيهي وزير چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي اسان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آ??يون، اسان ڪنهن کي قائل ڪري رهيا آ??يون جنهن کي قائل ڪرڻو آهي جيستائين اهو ميز تي نه هوندو ته اهي گفتن، نشتن ۽ برخاستن جي برابر آهي، ان لاءِ ايندڙ ويهڪ ۾ طالبان کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته بيجنگ اجلاس ۾ طالبان کي دعوت ڏينداسين ته جيئن انهن جي خدشن کي به ٻڌي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ ان جا خدشا اسان دنيا سا?? شيئر ڪنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ امن قائم ٿئي ٿو ته ان جا گلوبل ۽ علائقائي فائدا ٿيندا ۽ جيڪڏهن بگاڙ پيدا ٿيو، پاڪستان متاثر ته ٿيند?? پر توهان به بچي نه سگهندا، اهو چوڻ ته يورپ پري آهي ۽ محفوظ آهي. هن چيو ته وساريو نه ۽ تاريخ مان سبق سکو، اسان تاريخ مان سبق سکي ورتو آهي.