اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نوجوانن کي اڳتي وٺي اچي، پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مرڪزي ڌارا جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اهي نوجوان ملڪ جو مثبت چهرو سامهون آڻيندا، ڪامياب جوان پروگرام جي انعقاد تي سڄي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي نوجوانن واري معاملن واري خصوصي مددگار محمد عثمان ڊار سان گڏ جناح اسٽيڊيم ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ??مل??تي و??ير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي کي مين اسٽريم جو حصو بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، فرخ حبيب چيو ته تاريخ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ پروگرام جي انعقاد تي ڪابينا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام 25 هزار نوجوانن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ ۾ مالي ۽ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ڪامياب اسپورٽس پروگرام جي ذريعي نوجوانن کي پنهنجي صلاحيتن جي اظهار جو موقعو فراهم ڪيو آهي، هن چيو ته نوجوان ڪامياب ٿيندا ته پاڪستان ڪامياب ٿيندو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي ته هن ملڪ جي نوجوانن کي اڳتي وٺي وڃون، اهي ئي نوجوان ملڪ جو مثبت چهرو سامهون آڻيندا، هن چيو ته هاڪي جي فروغ لاءِ قومي سطح تي پاليسي ٺاهي رهيا آهيون، پاڪستان جي نوجوانن ۾ اسپورٽس جو جذبو ڏسڻ وٽان آهي، ??مل??تي و??ير چيو ته اميد آهي ته اهي ئي نوجوان سڀاڻي ع??لمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگي ڪندا، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان جو فوڪس آهي ته ملڪي سطح تي اسپورٽس کي وڌيڪ نظر انداز نه ٿيڻ ڏيون، هن چيو ته نوجوانن جو مستقبل اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي. ان موقعي تي و??يراعظم جي نوجوانن واري معاملن واري خصوصي مددگار عثمان ڊار چيو ته 17 سالن کانپوءِ اسپورٽس ڪامپليڪس جون رونقون واپس آي??ن آهن، ملڪ جي سڀ کان وڏي ٽئلينٽ هنٽ اسپورٽس ايونٽ ۾ 13 هزار کان وڌيڪ عورت رانديگر شريڪ آهن، عثمان ڊار چيو ته سڄي ملڪ جي سئو کان وڌيڪ يونيورسٽين حصو ورتو آهي.