اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جن?? پاڪستان لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي، اڳتي اسان ڪن??ن به جن?? جو حصو نه بڻجنداسين، پاڪستان افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران جا اختلاف ختم ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان پاڪستان ۾ ڪاروبار کي آسان بڻائي رهيا آهيون، پرڏيهي سيڙپڪ??رن جي لاءِ ويزا ۾ نرمي سميت ڪيترائي سڌارا آندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ڪانف??نس کي خطاب ڪندي ڪيو.