ڪراچي – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ترقياتي منصوبن ۾ پرائيويٽ سيڪٽر کي حصيدار بڻائڻ چاهي ٿي ته جيئن ترقي ۽ عوامي ڀلائي جو عمل گڏگڏ هلي، غربت ۾ گهٽتائي ۽ روزگار جا موقعا انهي و??ت وڌي سگهن ٿا جڏهن سيڙپڪار حڪومت سان هٿ ۾ هٿ ملائي هلن، ح??ومت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ تي پورو ڌيان ڏئي رهي آهي، م??يش?? مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ معاشي انگ اکر بهتري طرف وڃي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن مشهور ڪاروباري شخصيتن ۽ واپاري برادري جي و??د سان ملاقات دوران ڪيو.