اسلام آ??اد – 07 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهيون، ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي، انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقيا??ي خرچن ۾ ??ٽو??ي ڪئي وڃي ۽ ترقيا??ي خرچ وڌايا وڃن، روزگار جا ڀرپور موقعا پيدا ڪيا وڃن، صوبائي حڪومتون صنعتي شعبي ۽ زراعت جي ترقي، غيرضروري حڪوم??ي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ صحت جي شعبي جي اپ گريڊيشن ??ي خاص ڌيان ڏين. هن اهڙئن خيالن جو اظهار وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مالي سال 21 – 2020ع جي مجوزه بجيٽ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي وخزير محمود خان جي معاشي ٽيم پنهنجي پنهنجي ص??بن جي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ بجيٽ جي حوالي سان زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجي ترجيحن تي تفصيلي بريفن?? ڏني. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته هن وقت پوري دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي ڪري معيشت جي حوالي سان غيرمعمولي حالتون آهن. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ غيرمعمولي حالتن ۾ پيش ڪئي پئي وڃي. انهن حالتن کي نظر ۾ رکندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته غيرترقيا??ي خرچن ۾ ??ٽو??ي ڪئي وڃي ۽ ترقيا??ي خرچ وڌايا وڃن.