اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪاروباري برادري تعميراتي ش??بي ۾ سيڙپڪاري ڪري، حڪومت هر ممڪن تعاون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي 13 نمائندن وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تعميراتي ش??بي ۾ حڪومت پا??ان ڏني ويندڙ مراعتن ۽ ان جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سرگرمين جي اڳڀرائي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ شريڪ ايسوسيئيشن آف بلڊرز اينڊ ڊولپرز آف پاڪستان (آباد) جي نمائندن پا??ان تعميرات جي ش??بي ۾ حڪومت پا??ان تاريخي مراعتون ۽ آسانيون فراهم ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو، آباد جي نمائندن ڳالهائيندي چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نجي بئنڪن پا??ان تعميراتي سرگرمين جي لاءِ بلڊرز اينڊ ڊولپرز جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي، جنهن جو ڪريڊٽ بنا ڪنهن شڪ جي موجوده حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ ڏانهن وڃي ٿو. اي او سي ۽ اجازت نامن جي عمل کي آسان بڻائڻ سان تعميراتي ش??بي سان واڳيل ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.