ڪراچي – 02 سيپٽ??بر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آهي ته ??يڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير ??سد عمر ڪري رهيو آهي. برساتن سبب سڄي سنڌ تباهه ٿي آهي پر ميڊيا جو ڌيان ڪراچي تي گهڻو رهيو، ??وبي ۾ بنيادي ڍانچي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي بدين جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته ??يڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير ??سد عمر ڪري رهيو آهي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل اربع ڏينهن گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ بدين ضلعي جي برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ صوبائي اسيمبلي جو مي??بر جمال صديقي، بيرسٽر حسنين مرزا، سنڌ جي گورنر جو مشير علي جوڻيجو، ??خوت فائونڊيشن جو سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب به پڻ موجود هئا.