اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت کي هدايتون ڏنيون آهن ته ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏيڻ جي ??اءِ سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جلد مڪمل ڪئي وڃي، ميڊيا کي صنعت جو درجو ملڻ کانپوءِ ٽيڪس رليف سميت هر سطح تي آسانيون ۽ مراعتون ملي ??گهنديون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ميڊيا کي صنعت جو درجو ڏنو ويو آهي، ڪميٽي ايوان ۾ حذف ٿيل سينيٽر نعمان وزير جي ??فظن جي خبر شايع ڪرڻ تي جنگ ميڊيا گروپ کي وضاحت پيش ڪرڻ جي ??اءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي، پيمرا کي هدايت ڪئي ته سياسي قيادت جي ڪردار ڪشي ۽ جعلي ??برن جي حوالي ??ان هيستائين ڪيل ڪارروائي بابت تفصيلي ??پورٽ ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪئي وڃي، سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو سيڪريٽري اڪبر حسين دراني، پي آءِ او شاهيرا شاهد سميت اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذيلي ??دارن جا عملدار به موجود هئا.