اسلام آباد-07 اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب چيو آه?? ته ڊپٽي اسپيڪر اهو اختيار نٿو رکي ته رولنگ ڏئي عد?? اعتماد جي تحريڪ رد ڪري. اٽارني جنرل ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو سپريم ڪورٽ ۾ دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪيو آه??. اهڙو اظهار هن سپريم ڪور?? ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته جنهن ڏينهن عد?? اعتماد تي ووٽنگ ٿي رهي هئي ان ڏينهن ڊپٽي اسپيڪر آئين جي ابتڙ رولنگ ڏني. ڊپٽي اسپيڪر اهو اختيار ئي نٿو رکي ته رولنگ ڏئي عد?? اعتماد جي تحريڪ رد ڪري جنهن وقت عد?? اعتماد تي ووٽنگ لاءِ تحريڪ پيش ٿي هئي ڊپٽي اسپيڪر رولنگ نٿو ڏئي سگهي، ان خلاف ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته اٽارني جنرل جنهن کي ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ جو دفاع ڪرڻو هو، سپريم ڪورٽ آڏو رولنگ جو دفاع ڪرڻ کان انڪار ڪري هليو ويو آه??.