اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مٽاسٽا جي نا??ي ۾ نمايان اضافي تي خوشي جو اظهار ڪندي آگاهه ڪيو آهي ته آگسٽ 2020ع ۾ سمنڊ پار پاڪستانين مٽاسٽا نا??ي جي مدي ۾ 2095 ملين ڊالر موڪليا ??يڪي گذريل سال آگسٽ جي مقابلي ۾ 24.4 سيڪڙو وڌيڪ آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته جولاءِ 2020ع ۾ اهو مٽاسٽا جو نا??و 2768 ملين ڊالر جي رڪارڊ سطح تائين پهتو، هن چيو ته الحمد الله هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن جي دوران اهو مٽاسٽا جو نا??و گذريل سال جي انهي عرصي دوران جي ڀيٽ ۾ 31 سيڪڙو وڌيڪ رهيو.