اسلام آباد – 05 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??وا?? شريف ازبڪ صد?? اسلام ڪريموف جي لاڏاڻي تي تعزيت جي اظهار لاءِ ازبڪستان جي سفارتخاني ويو. هن تعزي??ي ڪتاب تي صحيحون ۽ پنهنجا تاثر لکيا. ازبڪ صد?? اسلام ڪريموف گذريل جمعي تي لاڏاڻو ڪري ويو هو. وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز پڻ وزيراعظم سان گڏ هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پارا?? جاري بيان موجب وزيراعظم سوڳوار خاندان ۽ ازبڪ قوم سان تعزيت ڪئي. هن ياد ڏياريو ته ازبڪستان پنهنجي صد?? اسلام ڪريموف جي قيادت ۾ سمورن شعبن ۾ تمام گهڻي ترقي ڪئي.