اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 64 فوتگيون ٿيون، جنهن مان 25 فوتگيون وينٽيلرز تي موجود مريضن جو هيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 361 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 64 ماڻهو فوت ٿيا جنهن مان 58 ماڻهو اسپتالن جڏهن ته 6 مري?? گهرن ۾ قر??طي??ه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. ملڪ جي ??ئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 36 سيڪڙو، پشاور 19 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي ??ئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 34 سيڪڙو، ميرپور 23 سيڪڙو، گجرات ۾ 61 سيڪڙو ۽ لاهور ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 40 هزار 906 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 10 هزار 918، پنجاب ۾ 16 هزار 2، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 51، اسلام آباد ۾ 5 هزار 153، بلوچستان ۾ 579، گلگت بلتستان ۾ 361، آ??اد ڪشمير ۾ 842 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 39 هزار 888 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آ??اد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 230 مريض آهن.