اسلام آباد – 16 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير س??نيٽر شبلي فراز ۽ وزيراعظم جي احتساب واري خاص معاون شهزاد اڪبر چيو آهي ته هڪ ط??ف ڪورونا وائرس کي منهن ڏئي رهيا آهيون ۽ ٻئي ط??ف ڪرپشن سان وڙهي رهيا آهيون، ڇا ڪرپشن جي خلاف جنگ کي اڳتي وڌائڻ نااهلي آهي؟ ڇا غريب عوام جو خيال رکڻ ?? انهن کي رليف ڏيڻ نااهلي آهي؟ ڪنهن کي اين آر او نه ملندو، شهباز شريف لنڊن ڀڄي وڃڻ بدران عدالت کي ۽ عوام کي پنهنجي ڪرپشن تي جواب ڏي، ڪڪس بيڪس جا 16 ڪروڙ شهباز شريف جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيڻ جي پوري ٽريل موجود آهي، شهباز شريف جي خلاف نيب ريفرنس حتمي مرحلن ۾ آهي، ان ڪيس جي روزاني جي بنياد تي ٻڌڻي ٿيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.