اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) م??صو??ابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اس?? عمر چيو آهي ته حڪومت جي موثر قدمن ۽ عوام پاران احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد جا بهتر نتيجا اچي رهيا آهن، اڃان خطرو ٽريو نه آهي جيڪڏهن حفاظتي قدمن ۽ احتياطي تدبيرن تي عمل نه ڪيو ويو ته صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، 30 جون تائين ڪورونا وائرس جا ڪيس 2 لک 25 هزار تائين جي لڳ ڀڳ رهڻ جو امڪان آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اين سي او سي ۾ اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان گڏ پر??س ڪانفرنس ڪندي ڪيو.