اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته انضمام ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انهن علائقن ۾ انفراسٽرڪچر قائم ڪرڻ جي لاءِ مخصوص ڪيل فنڊز جي وقت سر جاري ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو، توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل ادارن جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ صوبائي نمائندگي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپ??تو??خواهه صوبي سان لاڳاپيل معاملن خاص طور تي توانائي جي شعبي سان لاڳاپيل معاملن ۽ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي عمل جي حو??لي سان اڳڀرائي بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، عمر ايوب خان، خيبرپ??تو??خواهه جي گورنر شاهه فرمان، خيبرپ??تو??خواهه جي وڏي وزير محمود خان ۽ لاڳاپيل ادارن جي وفاقي ۽ صوبائي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس ۾ انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي ڪمن جي رفتار، م??لي سال 20 – 2019ع جي خرچن ۽ هلندڙ م??لي سال جي لاءِ مخصوص ڪيل بجيٽ جي حو??لي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.