اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاق?? ڪابينا سينيٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊيل ميمبرن جي حلف لاءِ 60 کان 90 ڏينهن جو مدو مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪٽوريل ايڪٽ ۾ ترميم، شڪ?? لائسنس رکندڙ وڌيڪ 22 پائليٽس جا لائسنس رد، ايٽي مليريئل ڊرگ ۽ حفاظتي لباس برآمد ڪرڻ، انفلوئنزا، ڪينسر سميت زندگي بچائيندڙ مختلف 250 دوائن جي ريٽيل پ??ائسنگ ۽ مختلف مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وفاق?? ڪابينا ماڊل جيل جي قيام ج?? لاءِ گرين ايرياز تي جيل جي دياور ۽ عمارت جي تعمير تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي هداايت ڪئي ته گرين ايرياز تي ڪيل تعميرات فوري طور تي ڊاهيون وڃن ۽ گرين ايرياز بحال ڪيا وڃن، گرين ايرياز تي اڏاوتن جي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي ۽ انهن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته تازين برساتن جي نتيجي ۾ متاثر ٿيندڙ مستحق خاندانن کي احساس پروگرام جي ذريعي مدد فراهم ڪئي وڃي، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاق?? ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وفاق?? ڪابينا شڪ?? لائسنس رکندڙ پائليٽس جي خلاف جار?? ڪارروائي ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي.