اسلام آباد – 03 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻ?? واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته قومي معيشت ترقي جي راهه ت?? واپس اچي وئي آهي، گذريل چئن مه??نن دوران ملڪي قرضن ۾ ڪو اضافو ناهي ٿيو. وزيراعظم عمران خان سان گڏ صنعت بابت توانائي رليف پئڪيج تي بريفنگ دوران هن چيو ته 30 جون کان پهرين نومبر تائين ملڪي قرضن ۾ ڪو اضافو نه ٿيو. ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو ته اها ڪاميابي ملڪ جي پنهنجي آمدني جي نتيجي ۾ ملي.