اسلام آباد – 16 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت ??لتستان جي عوام ۽ اميدوارن کي جمهوري عمل ۾ حصو وٺڻ تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، مخالف ڌر ??ي اعليٰ سطحي قيادت هڪ مهيني کان جيڪا عوام جي ذهنن تي سوار هئي ۽ جي بي اليڪشن کي ريفرنڊم چئي رهي هئي، گلگت ??لتستان جي عوام انهن جي ۽ نواز شريف جي بياني کي رد ڪندي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلي ڇڏيو آهي، گلگت ??لتستان ??ي اليڪشن کي شفاف ۽ غير جانبدار بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي، آئنده چونڊ ع??ل کي شفاف بڻائڻ جي لاءِ جلد قانونسازي ڪنداسين، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفيٰﷺ جي ناموس تي حملو ڪندڙ اسان جو اولين ترين دشمن آهي، وزيراعظم عمران خان ان مسئلي تي گڏيل قومن سميت مسلم ملڪن کي خط لکڻ کانسواءِ جيڪو موقف اختيار ڪيو ۽ جهڙي طرح مسلمان امت جي ترجمان ڪئي ان جو ماضي ۾ ڪٿي مثال نٿو ملي، ڪا به سياسي پارٽي اهڙي مسئلي تي احتجاج ڪن??ڙن کي طاقت جي ذريعي منشتر نٿي ڪري سگهي، انهن سان ڳالهين جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، ڪهڙي طرح عوامي شڪايتن کي خ??م ڪرڻو آهي ۽ ان ڏس ۾ گهرو وزارت تمام جلد پڌرنامو جاري ڪندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.